عتيقه اوڍو

عتيقه اوڍو

عتيقه اوڍو

عتيقه اوڍو: نامور ادڪاره، ماڊل ۽ فلم اسٽار عتيقه اوڍو جو تعلق جيڪب آباد ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ تاجو ديري سان آهي. سندس جنم 12 فيبروري 1958ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سموري تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. شوبز جي دنيا ۾ پاڻ ميڪ اپ آرٽسٽ، هيئر اسٽائيلسٽ ماڊل، اداڪاره طور ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات بحيثيت ميڪ اپ آرٽسٽ طور ڪئي. 1989ع کانپوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي اداڪاره طور ڪم ڪيو. سندس ڪيريئر جي شروعات 1991ع ۾ ٿي. هن جي شهرت جو سبب انور مقصود جو لکيل ڊرامو ‘ستارا اور مهرالنساء’ هو، جيڪو 1993ع ۾ پي. ٽي. ويءَ تان نشر ٿيو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ‘دشت’، ‘نجات’، ‘ذڪر هي ڪئي سال ڪا’، ‘هم سفر’ قابل ذڪر آهن. هن 1995ع کان شوبز کان ڪناره ڪش ٿي اشتهاري ڪمپنين ۾ ماڊل طور ڪم ڪيو. عتيقه اوڍو پي. ٽي. وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئر، اداڪاره، ماڊل رهي چڪي آهي. هن ڪيترن ئي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري مڃتا ماڻي. سندس مشهور فلمن ۾: ‘جو ڊرگيا وه مر گيا’، ‘ممي’ (1997ع)، ‘مجهي چاند چاهيئي’ (2000ع)، ‘ابهي تو مين جوان هون’ (1995ع) وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ پي. ٽي. وي سميت مختلف چئنلن تي مشهور ڊرامن ۾ ‘عڪس’ (1991ع)، ‘تلاش’ (1992ع)، ‘انگار وادي’ (1994ع)، ‘تم هي تو هو’ (1999ع)، ‘آن’ (2001ع)، ‘ڪرچيان’ (2002ع)، ‘چاهتين’ (2003ع)، ‘عمره جان ادا’ (2003ع)، ‘هرجائي’ (2004ع)، ‘نسل’ (2003ع)، ‘دهول’ (2006ع)، ‘ڪرشمين’ (2007ع)، ‘هم تم’ (2010ع)، ‘يي دل’ (2011ع)، ‘بينڊ بجي گا’ (2012ع)، ‘سسڪيان’، ‘عشق سمندر ’ قابل ذڪر آهن. هن وقت آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عتيقه اوڍوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.02.12  عيسوي

نامور ادڪاره، ماڊل ۽ فلم اسٽار عتيقه اوڍو جو تعلق جيڪب آباد ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ تاجو ديري سان آهي. سندس جنم 12 فيبروري 1958ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻاجهي فقير خاصخيلي
پٺاڻ آغا طارق
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
فاروق بجاراڻي
اسلم بيگ مرزا
پلي مبارڪ اثيم
ادريس لغاري
احمد ھالائي مخدوم
وڪرم شهاڻي
ڄام بايزيد سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون